آفتاب سومرو

آفتاب سومرو

آفتاب سومرو

آفتاب سومرو: آفتاب احمد ’آفتاب‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو. ايم. اي سوشيالاجي، ايم. اي (انگريزي) ۽ ايل ايل بي ڪرڻ بعد J.S.T طور مقرر ٿيو. بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي حيدرآباد ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ، ’اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيشنل بوڪ فائونڊيشن‘ طور ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ به رهيو. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) مزدڪ جي ملڪ ۾ (سفرنامو)، (2) ايران ڪا سفرناما (اردو)، (3) بيجنگ ڪي بازارون سي بئنڪاڪ ڪي بازارون تڪ (اردو ۾ سفرنامو) هي ’سماج سڌار تحريڪ‘ جو باني ميمبر، ’سامي ريسرچ سوسائٽيءَ‘ جو باني ميمبر، ’پروگريسو ٿنڪرس فورم‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ آفتاب سومرو ’شعور‘ رسالي جو ايڊيٽر، ’نئين دنيا‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ۽ ’روشن خيال‘ رسالي جو ٻانهن ٻيلي به رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سچل سرمست تي تحقيق ڪري رهيو آهي. گڏوگڏ اسلام آباد ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن ۾ سيڪريٽريءَ جي عھدي تي خدمتون پڻ سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ آفتاب سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.11  عيسوي

آفتاب احمد ’ آفتاب ‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو . سندس تعليمي قابليت ايم . اي سوشيالاجي ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالهادي
اشرف بلوچ
بهروز سبزواري
سيد خيرالدين گيلاني
حال الله ڪلهوڙو ٻيو
احسان بدوي
جمعو شيدي 2
ڀائي ولايت راءِ
شالمين شيدي
عظيم سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون